ايبٽ آباد (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ بشريٰ ۽ فرح گوگي کان شروع ٿيڻ گهرجي، عمران کي آڻيندڙن پاران ڏوهه جو اعتراف ڪافي ناهن، پاڻ لاءِ سزا به تجويز ڪرڻي پوندي، پشاور ڌماڪي جا ذميوار اهي آهن، جيڪي 10 ورهيه حڪمراني ڪندا رهيا. ايبٽ آباد ۾ نواز ليگ جي تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪي پي کي وسيلن جي نه پر نواز شريف جي ضرروت آهي، خيبرپختونخواهه جي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ سمورن ضلعن جو پاڻ دورو ڪنديس، پاڪستان جا ذڪر جوڳا منصوبا نواز ليگ جي دور ۾ ٺهيا، هر ذڪر جوڳي رٿا تي نواز شريف جو نالو لکيل آهي. مريم نواز چيو ته پشاور ڌماڪي جو ڪير ذميوار آهي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانيون ويون، پشاور ڌماڪي جا قصوروار اُهي آهن جيڪي 10 ورهين کان حڪومت ڪندا رهيا، ڪي پي جي وسيلن کي بيدردي سان استعمال ڪندا رهيا، 10 سالن تائين صوبي جي عوام کي حق نه مليو. مريم نواز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چوندو هو پشاور کي لاهور بڻائيندس اُن لاهور کي به پشاور بڻائي ڇڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ويو هڪ هزار نوڪريون ئي ڏيکاريو، چوندو هو 300 ڊيم ٺاهيندس، سڄي مُلڪ کي ڊيم فول بڻائي هليو ويو. نواز ليگ جي چيف آرگنائيز جو چوڻ هو ته عمران خان 4 سالن تائين ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪندو رهيو، جيڪڏهن ڀيٽ ٿيندي ته نوازشريف جي 10 سالن ۽ عمران جي 10 سالن جي ٿيندي، ڀيٽ ٿيندي ته عمران جي 4 سالن ۽ نوازشريف جي ڀيٽ ٿيندي. هن چيو ته شاهه محمود قريشي ٽي وي تي چيو ته نواز شريف کي غيرآئيني طريقي سان ڪڍيو ويو، سڀ چوندا ته اسان نوازشريف سان زيادتي ڪئي، زيادتي نوازشريف سان نه پر هن ملڪ سان ٿي، شاهه محمود کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته نواز شريف کي جن نيڪالي ڏني ان ٽولي جو سربراهه اوهان جي جماعت جو ليڊر آهي، ڪير ڪير ان سازش ۾ شامل هو قوم کي ٻڌائڻو پوندو، رڳو ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ ڪافي ناهي پنهنجي لاءِ سزا به تجويز ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هن قوم جو ڪهڙو ڏوهه هو، جنهن مٿان اِهو ذهني مريض مڙهيو ويو، جيڪو ويندي ويندي مُلڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪرڻ کان پوءِ معاهدو ٽوڙي ويو ۽ بني گالا جي بنڪر ۾ وڃي ويهي رهيو، باهه وسائيندڙ کان ته پڇيو پيو وڃي پر باهه لڳائيندڙ کان به ته پڇيو. عمران کي ڪهڙي مهانگي جو پٽڪو ڪري رهيو آهي اِها مهانگي سندس پاليسين جو نتيجو آهي. نواز ليگ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته عدالت وڃڻ لاءِ ته عمران کي ٽنگ تي پلستر لڳل آهي پر پنڊي ۾ جلسي لاءِ پلستر لڳل ناهي، ٽيرين وائٽ، گهڙي چوري، توشا خاني ڪيس ۾ تو ڪجهه ناهي ڪيو ته پوءِ ويل چيئر تي به نواز شريف جيان عدالت ۾ پيش ٿي. زمان پارڪ ۾ لڪو ويٺو آهين جنهن چوري ڪئي جواب به اهو ڏئي، نواز شريف کي اقامي ۾ ڪڍيو ويو کيس هفتي ۾ 6 ڀيرا عدالت سڏيندي هئي. پر هي عدالت ۾ پيش ئي نه ٿا ٿين. کين ديوار تي لکيل سچ نظر اچي رهيو آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان توکي خبر آهي ته تون چور آهين ان ڪري جڏهن عدالت توکي سڏيندي آهي ته تون پنهنجي ٽنگن تي لڳل پلاسٽر ڏيکاريندو آهين، اڄ جيڪڏهن هن کي ڪو سازش لاءِ اسلام آباد سڏائي، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سڏائي، اقتدار لاءِ اسلام آباد سڏائي ته هي ڊوڙندو ڊوڙندو اسلام آباد ويندو پر جڏهن عدالت سڏيندي اٿس ته پلستر رنڊڪ بڻجي ويندو آهي، الله تعاليٰ توهان کي صحت ڏئي، پر جيڪڏهن توهان جو دامن صاف آهي ته توهان کي ويل چيئر تي ويهي عدالت وڃڻ گهرجي. پر هن جو دامن صاف ناهي هن جي چوري ڪيل آهي، ڪوڙ ڳالهايل آهي ڏوهه ڪيل آهي، ان ڪري جواب ته ڏيڻو پوندو، هاڻ توهان جا سهولتڪار نه آهن، جيڪي بچائيندا هئا. مريم نواز چيو ته  عمران چوي ٿو ته پهرين ڪارڪن گرفتاريون ڏين، ڪارڪن ڇو گرفتار ٿين، کيسا  تو ڀريا آهن ڪارڪنن نه ڀريا آهن، پهرين ته فرح گوگي کي گرفتار ڪرايو، جيڪا توهان جي فرنٽ پرسن هئي، سڀ ڪجهه لٽي دبئي ڀڄي وئي آهي. ان کي توهان چارٽرڊ جهاز ۾ فرار ڪرايو، گرفتارين جي شروعات اتان ڪرايو. پنج پنج قراط جي هيرن جون منڊيون توهان جي گهرواري ورتيون آهن رشوت توهان جي گهرواري ورتي آهي پهرين گرفتاري ان جي ٿيڻ گهرجي پوءِ ڪارڪنن جو وارو اچڻ گهرجي. زمينون توهان ورتيون آهن، زمينن جي بدلي فائلن تي صحيحيون توهان ڪيون آهن ڪارڪنن کي ڇو ٿا چئو ته جيل ڀوڳين.  هن چيو ته عمران خان کان پڇان ٿي ته پاڻ کي ايترو اهم ڇو ٿا سمجهو جو سڄي دنيا توهان کي مارڻ چاهي ٿي.