نوري آباد پاور پلانٽ ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي گيس فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو

0
188
گيس فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو
نوري آباد پاور پلانٽ ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي گيس فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوئي گيس انتظاميا پاران سي اين جي اسٽيشنن کانپوءِ نوري آباد پاور پلانٽ، ڪي اليڪٽرڪ  کي به گيس سپلائي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو،

سوئي گيس جي ترجمان موجب اينگرو ٽرمينل تي ايف آر ايس يو جي تبديلي دوران 14 کان 17 سيپٽمبر تائين گيس جي کوٽ رهندي، انهي ڪري سوئي گيس انتظاميا پاران گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنن جي گيس فراهمي بند ڪرڻ سان گڏو گڏ نوري آباد پاور پلانٽ، ڪي اليڪٽرڪ ۽ فوجي فرٽيلائيزر کي به جزوي طور گيس فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي،

انهي کانپوءِ به جيڪڏهن گيس جي کوٽ پوري نه ٿي ته ايڪسپورٽ سان اڻ لاڳاپيل صنعتي ادارن جي به گيس سپلائي بند ڪري سگهجي ٿي، انهي دوران گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي جي به شڪايت ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته گيس جي بحالي ۽ سي اين جي سي اسٽيشن کي ٻيهر فراهمي 18 سيپٽمبر کان شروع ڪئي ويندي.