حڪومت پاران ميٽرڪ ۽ انٽر جي ناپاس شاگردن کي به پاس ڪرڻ جو فيصلو

0
285
لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ صوبائي تعليم جي وزيرن جي ڪانفرنس ٿي. ذريعن موجب ، حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽر ڪلاس جي سمورن شاگردن کي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته جيڪي شاگرد ناپاس ٿيندا انهن کي به 33 نمبر ڏيئي پاس ڪيو ويندو.ذريعن موجب ، تعليم جي وزيرن فيصلو ڪيو ته ڪورونا سبب ، فوري طور تي ٻيهر امتحان ممڪن نه هوندا ، ان ڪري ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جا امتحان سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندا.

ذريعن ٻڌايو ته تعليم جي وزيرن فيصلو ڪيو ته امتحانن کي سپليمينٽري امتحان نه سڏيو ويندو. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال ميٽرڪ جا امتحان مئي ۽ جون ۾ ٿيندا ۽ نئون سيشن آگسٽ ۾ شروع ٿيندو.