ٽنڊو غلام حيدر: مبينا چوري جي الزام هيٺ قتل ٿيل نوجوان نور محمد عرف نورو اعواڻ جي وارثن تعلقه ايس ٽي  پي اڳواڻ عبدالله خان اعواڻ، غلام حسين اعواڻ ۽ امير بخش اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان گذريل ٻن ڏينهن کان گهران گم هو جنهن کي اغوا ڪري چوري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان جو نوجوان زمين جي هارپي جو ڪم ڪندو هو جنهن کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان فوري طور نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.