لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور جي عدالت رياست مخالف بيان ڏيڻ واري ڪيس ۾ ايم اين اي جاويد لطيف جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، جوڊيشل ميجسٽريٽ احسن رضا جاويد لطيف جي ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. جاويد لطيف کي سخت سيڪيورٽي ۾ ماڊل ٽائون ڪچهري ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پوليس کي جاويد لطيف جي ڪيس جو چالان جلد کان جلد جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ليگي اڳواڻ جاويد لطيف جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.