ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ملير ضلعي ۾ برطانوي دور جا ڊملوٽي کوھ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ لاڳاپيل اختيارين سان گڏجي ڊملوٽي کوهن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ڊملوٽي جا کوھ برطانوي دور ۾ پاڻي جي فراهمي جو بهترين ذريعو هو، جتان 1983 تائين شهر کي پاڻي فراهم ٿيندو هو، بعد ۾ جر هيٺ ٿيڻ سبب ڪراچي قدرتي پاڻي جي فراهمي کان محروم ٿي ويو، هاڻي انهن کوهن کي بحال ڪيو ويندو. کوهن مان روزانو 20 ملين گيلن پاڻي حاصل ٿيندو ملير ۽ ڀرپاسي جي علائقن لاءِ ڊملوٽي جي کوهن جو پاڻي بهترين ذريعو آهي. ناصر شاھ ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته ڊملوٽي کوهن بابت سروي ڪري اسڪيم تيار ڪري ڏني وڃي ته جيئن سندن بحالي جو ڪم شروع ڪري سگھجي.