قتل جو خوف: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ڀڄندو ڊڪندو عدالت پهتو

0
790

نوابشاهه (ن پ ا) نوابشاهه ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پهچي ويو، ڄام صاحب روڊ جو پريمي جوڙو مديحا بختاور اعواڻ ۽ ولي محمد تحفظ لاءِ ڀڄنڊا ڊُڪندا عدالت پهچي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، پريمي جوڙو 12 ڏينهن اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ناري جا وارث شادي تي ناراض هئا، قتل جي خوف کان پريمي جوڙو تحفظ لاءِ شهيد بينظير آباد جي عدالت پهتا ته ناري جا وارث به عدالت پهتا، پريمي جوڙو قتل جي خوف سبب تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي.