خيرپور (رپورٽر) 4 ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويل سنڌ جي برک تعليمي ماھر، اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پهرئين روزاني پروگرام “ سھڻي ڌرتي” ۾ “ڏاڏي پنھل خان” جو ڪردار ادا ڪندڙ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور جي سيڪريٽري استاد مولا بخش لاڙڪ جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس پوپٽ پبلشنگ ھائوس ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل سھڪار سان اڄ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور جي تنوير عباسي ھال ۾ منعقد ڪيو ويو آهي، تعزيتي ريفرنس ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ اديب استاد مولا بخش لاڙڪ جي زندگي، شخصيت ۽ غير معمولي خدمتن جي حوالي سان خيالن جو اظھار ڪندي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا.