نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڪراچي کان لاھور  ويندڙ تيل سان ڀريل مال گاڏي جون بوگيون ليڪ ٿي ويون، جنهن دوران سرھاڙي کان نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تائين تيل وھندو رھيو، جڏهن ته بعد ۾ ٽرين کي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي بيھاريو ويو، ٽرين روڪڻ سبب پنجاب کان ايندڙ مسافر گاڏين کي مختلف اسٽيشنن تي بيھاريو ويو، جنهن ڪري ڪجهه ڪلاڪن تائين ڊائون ٽريڪ تي آمد رفت معطل ٿي وئي،  ان ڏس ۾ پڊعيدن کان آيل ريلوي کاتي جي ٽي آر سي عملي پاران بوگي جي رپيئرنگ ڪئي وئي، جنھن کان پوءِ مال گاڏي کي لاھور روانو ڪري ٽريڪ کي ٻيهر بحال ڪيو ويو.