اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ٽئين پارلياماني سال کي مڪمل ٿيندي 17 ڏينهن گذري ويا آھن پر وفاقي حڪومت چوٿين پارلياماني سال جو آغاز ڪرڻ لاءِ صدر جي خطاب لاءِ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب نه ڪري سگهي آھي، سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ صدر جي خطاب لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ تي غور تفصيل موجب 12 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽيون پارلياماني سال مڪمل ڪري ورتو هيو، آئين جي آرٽيڪل 56 جي شق 3  تحت چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪرڻ لاءِ صدر پاڪستان کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪرڻو هوندو آھي، ذريعن ٻڌايو آھي ته گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ صحافتي تنظيمن پاران صدر جي گڏيل پارليامينٽ کي خطاب واري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهريان ڌرڻي هڻڻ جي اعلان ڪرڻ سبب گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس دير جو ٿي رهيو آھي، وفاقي حڪومت پهريان سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ تي غور ڪري رهي هئي پر هاڻي سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ تي غور ڪري رهي آھي پر اڃان تائين ڪنهن به تاريخ کي حتمي صورت نه ڏني وئي آھي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چوٿين پارلياماني سال جو پارلياماني ڪلينڊر تيار نه ڪري سگهي آهي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر پاران خطاب ۾ دير ٿيڻ ڪري قومي اسيمبلي کي آئين تحت سال دوران 130 ڏينهن پورا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ٿينديون، جيئن قومي اسيمبلي جي تازو مڪمل ٿيل ٽئين  پارلياماني سال جي آخري مهينن ۾ مسلسل اجلاس ڪري ڏينهن پورا ڪيا ويا هئا.