اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي  ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ۽ آچر ڏينهن تي وقفي وقفي سان ٿيل تيز برسات سبب راولپنڊي جي ضلعي هيڊڪواٽر اسپتال ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ، برسات سبب راولپنڊي جو ٽيپو روڊ، مسلم ڪالوني، لياقت باغ جو علائقو، صادق آباد ڪالوني، ڪاميٽي چوڪ ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گهرن اندر به داخل ٿي ويو، جڏهن ته برساتي پاڻي راولپنڊي جي ضلعي اسپتال ۾ به داخل ٿيڻ سبب اسپتال جي عملي ۽ مريضن کي به سخت پريشاني مان گذرڻو پئجي ويو، اهڙي صورتحال بعد واسا جي ٽيمن پهچي پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ٿيل بارش سان موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو.