ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر ۾ تعليم کاتي جي ڪامورن 10 کان وڌيڪ پرائمري استادن جون آدمشماري ۾ ڊيوٽي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڏيڊ مهيني لاءِ ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا لڳايا ويا آهن، جنهن بعد هزارين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، ان سلسلي ۾ جيڪي پرائمري اسڪول بند ٿيا آهن، انهن ۾ راڻپور، ڏونگري، مالاڙو، ڌڱاڻو، چڻيندا، لاڪڙ، کڏيو ۽ ٻيا شامل آهن، رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري بچل هاليپوٽو ٻڌايو ته پرائمري استادن کي مقرر ڪرڻ جا اختيار ٽي اي او ننگرپارڪر وٽ آهن، هن چيو ته ڊي سي ٿرپارڪر سنگل استادن وارن اسڪولن جي ماسترن جي مردم شماري ۾ ڊيوٽي لڳائڻ کان منع جاري ڪئي هئي پر ان جي باوجود ٽي اي او ماسترن جون ڊيوٽيون لڳائي غلط ڪيو آهي، ٽي اي او هندال سميجو ٻڌايو ته سي ايم او راجيش کي منع ڪرڻ باوجود هن زبردستي ڄاڻايل اسڪولن جي ماسترن جون ڊيوٽيون لڳائي اسڪول بند ڪرايا آهن، سي ايم او ٿرپارڪر راجيش دلپت رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون ڄاڻايل پرائمري ماسترن جون ڊيوٽيون نه لڳايون آهن، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس وارن ڊيوٽيون لڳايون آهن، ٽي اي او جو الزام غلط آهي، هن چيو ته بند پيل اسڪولن ۾ ماستر مقرر ڪري جلد اسڪول کوليا ويندا.