بدين (رپورٽر) ھفتو اڳ انڊس اسپتال لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي آيل نوجوان کي نامعلوم ماڻهو انڊس اسپتال ڇڏي سندس سي ڊي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي  ويا،  بدين ٿاڻي  تي اين سي داخل ڪرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تعلقي جي جي ڳوٺ چاڪر خان  جتوئي جي رھواسي فوجي مشتاق علي جتوئي ايوان صحافت بدين پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هڪ ھفتو اڳ  انڊس اسپتال موڙ وٽ ڪتو اچڻ ڪري منهنجو حادثڳ ٿي پيو ھو ۽ ھن جي بيھوش ٿي وڃڻ کان پوءِ اتي سرزمين تي بيٺل ماڻهن مون کي انڊس اسپتال پهچايو ،ھوش ۾  اچڻ کان پوءِ گاڏي بابت معلوم ڪيو ته انڊس اسپتال عملي  ٻڌايو ته اوهان کي نامعلوم ماڻهو اسپتال کڻي آيا هئا ،پر گاڏي جي خبر ناهي،  مون موٽر سائيڪل ماڊل 2022 ھنڊا سي ڊي ون ٽو فائيو جي گم ٿيڻ بابت  اھڙي اين سي  بدين ماڊل ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آهي، پر اڃان تائين پوليس موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ناهي ڏنو، ھن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ايڪسيڊنٽ دوران گم ٿي ويل موٽر سائيڪل مونکي واپس ڪرائي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.