منيلا(دلچسپ نيوز) يان فرانسس مينگا سان ملو اهو فلپان جي هڪ مقامي اسڪول ۾ ڪي جي ٽيچر آهي ۽ سندس عمر 22 سال آهي پر پنهنجي قد ۽ شڪل جي ڪري هو بلڪل ننڍي ٻار جيان نظر ايندو اهي، ڪيترائي ڀيرا اجنبي ان کي ڏسي دوکو کائي ويندا آهن ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار سمجهي ويهندا آهن.دلچسپي جي ڳالهه اها آهي ته ايان فرانسس پنهنجي ننڍپڻ کان ئي پنهنجي اصل عمر جي مقابلي ۾ ننڍو نظر ايندو آهي، جڏهن هو مڊيل اسڪول ۾ پهتو ته سندس ٻين هم ڪلاسن ۾ واڌ جون شروعاتي علامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون پر هو تڏهن به پهرئين ڪلاس جو ٻار ئي لڳندو هو.ايستائين جو ڪاليج ۾ اچڻ ۽ ڪي جي اسڪول ٽيچر جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ به هو ڪنهن بار جيان نظر ايندو رهيو.ان ڪيفيت جي باري ۾ ايان فرانسس جو چوڻ آهي ته هو ننڍپڻ کان ئي تمام گهڻو بيمار رهيو آهي، شايد ان جي ڪري ئي ان ۾ نوجواني جون علامتون ظاهر نه ٿي سگهيون ۽ هو اڄ تائين ڏسڻ ۾ ٻار ئي نظر اچي ٿو.