ننڊ ۾ اٿي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي عادت آهي: اداڪاره نوال سعيد

0
592

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره نوال سعيد هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته کيس ننڊ ۾ اٿي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي عادت آهي، هن چيو ته هڪ ڀيري خاندان جي هڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيس، اکين ۾ تمام گهڻو ڪجل لڳايو هو، ان رات آئون ماسيءَ جي برابر ستل هيس، سمهڻ دوران اکين ۾ ڪجل ڦهلجي ويو، ايتري ۾ آئون ننڊ ۾ اٿي ويٺس ۽ ڳالهائڻ لڳس ته ماسي بي حد ڊڄي وئي. ان کانپوءِ ماسي مون سان گڏ ڪڏهن نه ستي. اداڪاره چيو ته جيتوڻيڪ هاڻ کيس ننڊ مان اٿي ويهڻ جي عادت ناهي پر ڳالهائڻ جي اڃان به آهي.