قمبر (خاص نمائندو) قمبر ۾ دوست علي بنگلا بس اسٽاپ تي ڪٻاڙ جي ٽرڪ ڀريندڙ پنجاب واسي 18 سالن جو پورھيت عليم 11 ھزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي قمبر اسپتال آندو ويو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ چانڊڪا اسپتال نيو ويو.