سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسين طرفان شھر ۾ غير معياري ۽ مھانگي اگھن تي گوشت وڪرو ٿيڻ وارين شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ طرفان مختلف ھنڌن ڍڪ روڊ، غريب آباد، شاليمار، جناح چوڪ وارن علائقن ۾ واقع گوشت جي دوڪانن جو اوچتو دورو ڪيو، دوري دوران سرڪاري اگھن کان وڌيڪ گھوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين خلاف ڪارروائي ڪندي مٿن 30 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. دوري دوران اختيارين ڪاسائين کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي ته گوشت سرڪاري اگھن تي وڪرو ڪيو وڃي غير معياري ۽ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندڙن کي ڪنھن به صورت معاف نه ڪيو ويندو انھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.