نندو (ن پ ا) نندو رورل هيلٿ سينٽر ۾ لڳل ٽرانسفارمر گذريل 15 ڏينهن کان سڙي وڃڻ سبب اسپتال ۾ بجلي بند آهي جنهن سبب اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ عملي سميت ايندڙ مريض سخت گرمي ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھن، ٻئي طرف اسپتال ۾ ايڪسري مشين، ڊينٽل مشين به نه هلڻ سبب مريض ويتر پريشان تي ٻين شهرن مان علاج ڪرائڻ جي مجبور آهن، ان حوالي سان آءِ ايچ ايس نندو جي ايڊمن شعيب قاضي ٻڌايو ته آءِ ايچ ايس ۽ حڪومت جي ڪيل معاهدي ۾ ٽرانسفارمر ٺهرائڻ جي ڪابه بجيٽ ڪونهي، انهي ڪري حيسڪو عملدار کي ٽرانسفارمر ٺھرائڻ لاءِ چيو آھي، ٻي طرف حيسڪو نندو جي انچارج محبوب ملاح موجب ته پرائيويٽ ٽرانسفارمر آھي، جيڪو اسان لاهي ڏيڻ لاءِ تيار آيون پر خرچ آءِ ايڇ ايس ڪندي، جنهن کان اهي انڪار ڪري رهيا آھن، هوڏانهن شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن شھباز خواجا ،حفيظ ميمڻ، ڪريم جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ سب مريض سخت پريشان آهن پر انتظاميا فنڊ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٽرانسفارمر ٺهرائي اسپتال ۾ بجلي بحال ڪئي وڃي.