ٽنڊوباگو (ن پ ا) ڦُليلي ڪئنال جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پهچي سگهيو آهي، نصير واھ، سلطاني واھ، مير واھ، ماڻڪ، ڏومر، احسان، لُنڊو، نصير ڊائون، چانري، جاڙڪي، ڊوڪيا سميت 30 کان وڌيڪ نان پيرنل شاخن جي ڪمانڊ جي ٽيل ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري آبادگار سخت پريشان آهن، جڏهن ته پاڻي نه پهچڻ ۽ مُنڍ ۾ وارا بندي ختم نه ٿيڻ ڪري آبادگارن ساريال جي رونبي لاءِ پوکيل ٻيجارا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٻي طرف ضلعوبچايو تحريڪ پاڻي نه پهچائڻ جو ذميوار سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي قرار ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان نوراحمد ٽالپر، خدا ڏنوشاھ، نصرالله جروار، قمبرعلي شاھ، حنيف نظاماڻي ۽ ٻين ٻُڌايو ته ڦُليلي ڪئنال جو پاڻي علي پور ريگيوليٽر تائين ته پهچي پيو پر علي پور تان نان پيرنل جي پاڻي تي ڌاڙو لڳايو وڃي ٿو. اڳواڻن ٻُڌايو ته سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جا ڪامورا اڪرم واھ جو سمورو پاڻي علي پور کان مٿي وڪرو ڪري اچن ٿا، پاڻي نه پهچڻ ڪري آبادگار ساريالي فصل جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي پهچايو وڃي.