ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ پنهنجي پيرسن امڙ کي تشدد ۽ مارڪٽ ڪندڙ نافرمان پٽ پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو. ان ڏس ۾ نصير آباد پاڙي جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات ڪريمان ميمڻ کي گذريل ڏينهن سندس نافرمان پٽ اڪرم ميمڻ ڇرا هڻي ٻانهن ۽ هٿ سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي جنهن خلاف سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪري گرفتاري عمل ۾ آڻي ڪيس داخل ڪندي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي ، ان حوالي سان ايس ايچ او سٽي زاهد اقبال چانڊيو ٻڌايو ته جوابدار تي پنهنجي امڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .