لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزير فياض چوهاڻ ايم پي اي نذير چوهاڻ ۽ شهزاد اڪبر وچ ۾ هڪ ٻيو ٽيليفونڪ رابطو ڪرايو آهي، ذريعن موجب رابطي دوران طئي ڪيو ويو ته اسٽامپ پيپر تي صلح نامو لکيو ويندو، جيڪو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، فياض چوهاڻ چيو آهي ته آئون ضامن آهيان، معاملن کي صلح صفائي سان منطقي انجام تي پهچائينداسين.