جھول (ن پ ا) جھول لڳ ٻوٻي اسٽيشن وٽ ميخانه جمال فقير تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشھوري ماڻيندڙ الستي آواز جي مالڪ سنڌ جي ناليواري صوفي راڳي، شاعر ۽ ڪاتب  فقير جمال الدين مڱڻھار جي ڇھين ورسي جمال فقير يادگار ڪاميٽي ۽ جمال برادرس جي ميزباني ۾ ملھائي وئي، ورسي جي شروعات سندس آخري آرامگاهه تي چادر چاڙهڻ سان ٿي بعد ۾ فقير محمد بخش ضامن، سيد ناٿن شاهه، ناليواري راڳي سھراب فقير جي فرزند نياز فقير، نزاڪت علي فقير، شاعر اديب  پوليس آفيسر محمد امين زرداري سياسي سماجي اڳواڻ فقير جمال الدين جي زندگي ۽ سندس فن تي روشني وڌي. ورسي تقريب ۾ علائقي  ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرض سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول سيڪريٽري صابر حسين مھر سرانجام ڏنا. جڏھن ته اخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ درگاهه عبداللطيف رحه جي راڳي منٺار فقير ۽ ساٿين شاهه لطيف ۽ ٻين جي شاعري ڳائي ويٺل ماڻھن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو.