ابوجا(اسپورٽس نيوز) نائيجيريا جو 12 ورهين جو ڇوڪرو باڪسنگ ۾ رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. ان نينگر جو نالو سلطان اديڪويا آهي جيڪو لاگوس ويجهو ايگبيدا واعي علائقي ۾ رهندو آهي هو سخت محنت ڪندڙ مضبوط جسم جو مالڪ نينگر آهي. سندس مقابلن جون وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن. هو هيستائين 60 کان وڌيڪ اميڇوئر باڪسنگ مقابلا ڪري چڪو آهي ۽ انهن سڀني مقابلن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 2016 ۾ ورلڊ باڪسنگ ڪائونسل کيس موسٽ پرومائيزنگ باڪسر جو ايوارد ڌنو ۽ ان مقابلي ۾ 5 کان 16 سالن جي ڄمار جي 40 باڪسرن شرڪت ڪئي هئي. سندس ڪوچ اديگبائيٽ ٻڌايو ته هو پنجن سالن جي ڄمار ۾ اسان وٽ پاڻ ئي پهتو هو هن گهٽين ۾ گهمندي اسان کي ڏٺو هو، هن ڊوڙي منهنجا گلوز کنيا پر ان لاءِ اجازت به نه ورتي هن مڪون هڻڻ شروع ڪروين ۽ ماڻهن کي مارڻ لڳو،