ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي براڊڪاسٽر کي عرب امارات مان ۽ ٻئي کي ابوظهبي مان ڪڍيو ويو آهي جنهن سان پي ايس ايل 6 جي باقي ميچن لاءِ نوان مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. پهرين براڊڪاسٽرز کي هوٽل مان ڪڍيو ويو جنهن بعد کين ابوظهبي کان دبئي منتقل ڪيو ويو جتي هو قرنطينا جو باقي عرصو مڪمل ڪندا. هو راس الخيما کان روڊ وسيلي ابوظهبي پهتا جنهن تي کين هوٽل مان ڪڍيو ويو. پي سي بي ڀارتي براڊ ڪاسٽرز جي جاءِ تي ٻين براڊ ڪاسٽرز کي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو ڪپتال سرفراز احمد ڪراچي کان ابوظهبي لاءِ روانو ٿيو ۽ هو بحرين کان ٿيندو ابوظهبي آيو. جڏهن ته باقي 7 رانديگرن کي اڃا به ويزا نه ملي آهي ۽ پاڪستان ۾ انتظار ڪري رهيا آهن.