نئين آدم شماري تي سنڌي عوام جا اعتراض ۽ خدشا!

0
266
نئين آدم شماري تي سنڌي عوام جا اعتراض ۽ خدشا!

 پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ آساني سان ڪري سگهجي ٿو، جتي بظاهر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ آئين به موجود آهي ته وري قانون به. پر عملي طور گذريل 75 سالن جي تاريخ اسان کي واضح ٻڌائي ٿي ته هتي اڻ اعلانيل هڪڙو شاهي نظام قائم آهي ۽ هڪڙي مخصوص طبقي وٽ اهي سڀ اختيار آهن، جنهن کي ڪجهه هفتا پهرين سينيٽر اعظم سواتي جيڪو خود ان طبقي جو حصو رهيو آهي، تنهن آئين پاڪستان جي ڪاپي کڻي ميڊيا آڏو اچي چيو ته هن ملڪ ۾ هزار کن اهڙي اشرافيه آهي، جنهن تي هي آئين لاڳو نٿو ٿئي ۽ اهي آئين کان مٿانهان ٿيو پاڪستان تي حڪمراني پيا ڪن. اهڙي ساڳئي ڳالهه کي اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڪجهه ٻين لفظن ۾ بيان ڪندي چيو ته هي “ريپبلڪ آف پاڪستان ناهي، پر هڪ سيڪڙو ايليٽ ريپبلڪ آف پاڪستان آهي.” يعني 23 ڪروڙ عوام تي هڪ سيڪڙو امير طبقو حڪومت ڪري ٿو ۽ اهي جيڪو چاهين اهو ڪن ٿا، انهن کي ڪنهن به طرح پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام جو ڪو به فڪر ڪونهي، اهي سڀ پنهنجي طبقي جي مفادن وٽان فيصلا ۽ عمل ڪندا آهن.

پاڪستان ۾ جيڪي به فيصلا ٿيندا آهن، اهي حڪمران طبقي جي فردن ۽ ان سان لاڳاپيل اشرافيه طبقي جي خوشنودي ۽ مفاد وٽان ٿيندا رهيا آهن ۽ هن وقت به ٿي رهيا آهن. هن وقت ان طبقي جي مفادن وٽان جيڪو فيصلو ٿي رهيو آهي، اهو آهي آدم شماري جو. آئين پاڪستان جي مطابق جيڪا آدم شماري 2017ع ۾ ٿي ۽ هاڻي اها 2027ع ۾ ٿيڻ گهرجي، پر اها 1 مارچ کان شروع ٿي ويندي، جيڪا آئين پاڪستان کي پاسي تي رکي، ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. يعني هڪ اهڙي ٽولي جي مطالبي تي عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ڪجهه مهينا پهرين خود رياست پاڪستان جا ادارا ۽ حڪمران ان کي پاڪستان جو وڏو دشمن ڊڪليئر ڪري چڪا آهن ۽ ميڊيا آڏو اچي عوام کي بار بار ٻڌايو ويو ته اهو دهشتگردن جو ٽولو ڪهڙي طرح هندستان جو ايجنٽ هو ۽ ان جي مفادن وٽان ڪم ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو هو. پر ٿوري وقت کان پوءِ اهو ٿيو جنهن جو خدشو هو. يعني ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين کي سڄي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ٻي سڄي ايم ڪيو ايم کي “پاڪ ۽ صاف” قرار ڏنو ويو. جنهن پوري ايم ڪيو ايمي ٽولي کي پوري قوم آڏو هڪ عبرتناڪ سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي ها، پر ان ساڳئي ئي گند کي ليپو ڏئي ان جي مٿان عطر هڻي وڪيو پيو وڃي ۽ ان جا غيرآئيني مطالبا تسليم ڪري ٻڌايو پيو وڃي ته اهي ڪيڏا “طاقتور” ۽ “عوامي” حمايت رکندڙ آهن ۽ اها “عوامي” حمايت ايتري ته سگهاري ۽ پهچ واري آهي جو آئين پاڪستان کي به لتاڙي ان جا مطالبا تسليم ڪرڻا ٿا پون.

هاڻي اچو ته ڏسون ته ايم ڪيو ايم جو ٽولو جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ ۽ سنڌي عوام جو ازلي دشمن آهي، تنهن پهرين عمران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ نئين سر آدمشماري ڪرائي وڃي. عمران خان انهن جي ڳالهه کي تسليم ڪندي ڪابينا کان اهڙو فيصلو منظور به ڪرايو پر پوءِ حڪومت وڃڻ سبب ان تي عمل نه ڪرائي سگهيو. عمران خان جي وڃڻ کانپوءِ هي جيڪا پي ڊي ايم جي حڪومت آئي آهي، جنهن ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي، جمعيت علماءَ اسلام (ف) ۽ ٻيون پارٽيون شامل آهن، انهن سڀني ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي تسليم ڪندي هڪ غيرآئيني قدم کڻندي وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي ته ڪراچي جي آدم شماري 3 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ به خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙن جو گهٽ تعداد ڏيکاريو ويو آهي، تنهن ڪري نئين سر آدمشماري ڪرائي وڃي. يعني هاڻي پوري پاڪستان ۾ پنج سال اڳ عوام جي ٽيڪس جي پيسن مان 35 ارب رپيا خرچ ڪري جيڪا آدمشماري ڪرائي وئي، اها صرف هڪ ٽولي کي خوش ڪرڻ لاءِ رد ڪئي وئي آهي. جنهن جو مطلب هاڻي جيڪا آدمشماري شروع ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ ان کي خوش ڪيو ويندو. ظاهر آهي ان کي خوش ڪرڻ جي لاءِ پورا انتظام پڻ ڪيا ويا هوندا ۽ ان لاءِ پورو ماحول به جوڙيو ويو آهي. جنهن لاءِ آئون هتي صرف هڪڙو مثال ٿو ڏيان. 31 جولاءِ 2022ع جي روزاني “ڊان” اخبار جي آچر ڏينهن نڪرندڙ ميگزين “ائياز” ۾ نالي واري آرڪيٽڪ ماهر عارف حسن، دها علوي ۽ عمال هاشمي ڪراچي ۾ آدمشماري جي حوالي سان هڪ طويل آرٽيڪل لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم ٽولي جا جيڪي آدم شماري جي حوالي سان مطالبا آهن، اهي جائز آهن. ايم ڪيو ايم جي دعويٰ آهي ته ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ يا ان کان به وڌيڪ آهي، تنهن ۾ به اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي. ايم ڪيو ايم ٽولي جي اهڙي دعويٰ جي حق ۾ دليل ڏيندي عارف حسن جهڙي شخص وسان نه گهٽايو آهي. عارف حسن هڪڙي ويب سائيٽ “نيو جاگرافي” جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ان ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب ڪراچي جي آبادي اپريل 2016ع ۾ 22.8 ملين يعني 2 ڪروڙ 28 لک هئي. معنيٰ 2017ع ۾ حڪومت پاڪستان جيڪا آدمشماري ڪرائي ۽ ان ۾ ڪراچي جي جيڪا 1 ڪروڙ 64 لک آدم شماري ڏيکاري وئي اها بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي. اڃا به ان کان اڳتي عارف حسن وڌيڪ لکندي بيان ڪري ٿو ته ڪراچي جا اڳواڻ اها دعويٰ ڪن ٿا ته ڪراچي جي آبادي اڍائي کان ٽي ڪروڙ آهي (اهڙي دعويٰ ڪندڙ ڪنهن به فرد يا اڳواڻ جو نالو نه ڏنو ويو آهي) ۽ ان کانپوءِ پاڻ بيان ڪري ٿو ته ظاهر آهي آبادي وڌڻ سان ڪراچي ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون سيٽون وڌنديون ۽ ان سان گڏ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ کي وڌيڪ حصو ملندو. اسان کي ڪٿي ۽ ڪهڙي به شهر ۾ جائز ۽ قانون مطابق سيٽون وڌڻ تي ڪو اعتراض ناهي. پر اها اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ هڪڙي مخصوص ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ هر غيرآئيني ڪم ڪيو ويندو آهي. جيئن جنرل مشرف 2001ع ۾ “لوڪل گورنمينٽ آرڊينس” آڻي ڪراچي جون جيڪي 28 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون هيون انهن ۾ 50 سيڪڙو واڌارو ڪري 28 مان 42 ڪري ڇڏيون. ۽ ان سان گڏ اسان کي اها به تاريخي حقيقتن ۽ حوالن سان خبر آهي ته ڪراچي مان جيڪي چونڊجي سنڌ اسيمبلي م پهچن ٿا اهي هر سنڌ ۽ سنڌي عوام دشمن ڪم ۾ اڳيان اڳيان رهيا آهن ۽ هاڻي به هڪڙي غيرآئيني طريقي سان اهو ڪجهه ڪيو ويندو جيڪو جنرل مشرف اڳ ۾ ڪري مثال قائم ڪري چڪو آهي. ٻيو ايم ڪيو ايم جو ٽولو بار بار چوندو آهي ته ڪراچي تي اندروني سنڌ وارا سنڌي ڳالهائيندڙ اچي حڪومت ڪن ٿا جيڪو اسان سان وڏو ظلم آهي، اها ساڳئي ڳالهه عارف حسن جهڙي صاحب به لکي آهي، جنهن مان هن جي جانبداري يا ايم ڪيو ايم ٽولي سان محبت ظاهر ٿي رهي آهي ۽ ان سان گڏ شماريات کاتي سان لاڳاپيل اعليٰ عملدار ڪيترن ميٽنگن ۾ اها دعويٰ ڪري چڪا آهن ته ڪراچي جي آدمشماري 3 ڪروڙ کان به وڌي سگهي ٿي، انهن کان حڪومت يا ٻيو ڪير اهو پڇڻ لاءِ تيار ناهي ته اهي اهڙي قسم جي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪري رهيا آهن؟

هڪڙي پاسي ايم ڪيو ايم ٽولي، انهن جي ليکڪن ۽ ماهرن جي بدنيتي ۽ ٻئي پاسي حڪومت جو پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي تسليم ڪري آدم شماري ڪرائڻ مان واضح ٿي رهيو آهي ته هٿرادو طريقي سان ڪراچي ۾آدم ڳڻپ وسيلي ايم ڪيو ايم کي خوش ڪيو ويندو. ان سان گڏ جيڪو سافٽ ويئر سنگارپور مان خريد ڪيو ويو آهي، ان کي پائليٽ پروگرام طور ڪٿي به استعمال نه ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهو آيو ئي 6 فيبروري تي آهي. ۽ ان سان گڏ ٽيڪنيڪل طور تي جيڪي ان ۾ نقص ۽ مسئلا آهن، جن کي آساني سان ڪو ماهر يا هيڪر هيٺ مٿي ڪري ان جي انگن اکرن ۾ وڏي ڦيرڦار ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڪنهن به طرح هڪ محفوظ سافٽ ويئر ناهي. ۽ ٻئي پاسي هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ سنڌي ماڻهو ٻوڏ جي تباهي سبب بي گهر ٿيل آهن، 10 لک کان وڌيڪ انهن جا گهر اجڙي ويا آهن ته پوءِ انهن کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان هن آدمشماري ۾ ڳڻيو ويندو؟ اهي ۽ ٻيا ڪيترا خدشا ۽ هڪڙا سنجيده ۽ بنيادي نوعيت جا سوال موجود آهن ته پوءِ هن سخت معاشي بحران واري صورتحال ۾ جڏهن هڪ ارب به وڏي اهميت رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ قومي ناڻي ۽ عوام جي ٽيڪس جي پيسن مان 34 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو مطلب هر حال ۾ هڪڙي ٽولي کي خوش ڪرڻ آهي ۽ پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ آهي ۽ سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪڙي گهري سازش کي ڪامياب ڪرڻ آهي!؟

[email protected]