بحرانن جا شوقين ماڻهو

0
161
عمران خان جو سپر ڪنگ ۽ سپر ڪنگ جو عمران خان

  منهنجو هي ٽڪرو بعنوان “بحرانن جا شوقين ماڻهو”، منهنجي ان ٽڪري جي ٻي ڪڙي آهي جنهن جو عنوان هو “بحرانن جا عادي ماڻهو” جيڪو “پنهنجي اخبار” ۾ تاريخ 15، جنوري تي ڇپيو. سنڌ ۾ اها ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا مثالي آهي! ۽ اها ڪهڙي منفرد ۽ نرالي ترقياتي سوکڙي آهي جنهن کي ڏسي وڏي واڪي اعلان ڪيون ته واهه جو ڪم ٿيل آهي، ڀلا ڪو روڊ رستو جيڪو پنهنجو مثال پاڻ هجي، ڪا اسپتال، ڪو شهر يا ان شهر جي هڪڙي يوسي جيڪا جڳ ۾ ناماچاري رکندڙ هجي يا ڪو تفريحي ماڳ جيڪو سرڪار جي ڌيان سبب اسان سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو سبب بڻيو هجي. جڏهن سڀني جا جواب ناڪار ۾ هجن ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ان جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي ڪو يا جيڪڏهن آهي ته ان وٽ وري ان جو حل يا حل ڪرڻ جو اختيار ڪونهي ڪو. جيئن پي پي پي جي اڳواڻ  سسئي پليجو آرٽس ڪائونسل، ڪراچي ۾ مادري ٻولين جي ڏهاڙي (21 فيبروري) جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي جڏهن هي چئي ٿي ته، “مان ٻولي جي مسئلي تي اڄ به حساس آهيان ۽ جڏهن اسان جو بل لاڳاپيل ڪميٽين ۾ ويو ته اتي پي ايم ايل (ن) ۽ ايم ڪيو ايم صرف ساٿ نه ڏنو پر انهن ان بل جي سخت مخالفت به ڪئي ۽ ٻيو مونکي حراسان ڪرڻ جي لاءِ منهنجي پارليامنٽ لاجز کي باهه به لڳائي وئي.” اسان جي ملڪ جا اهڙي قسم جا سوين هزارين مسئلا آهن جيڪي حل طلب هجڻ سان گڏ مناسب ڌيان به لهڻن ٿا. مسئلا معاشي هجن يا سياسي، سماجي هجن يا ماحولياتي يا ثقافتي بهرحال انهن کي حل ڪرڻ جي پوري ذميداري اسان جي انهن فردن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي اختيار ڌڻي آهن يعني ادارن جا سربراهه آهن پر جيڪا صورتحال آهي اها هي آهي ته هڪ ادارو ڪارگر نه هجي ته چئون مڙئيه خير آ. هڪ ڪاموري يا وزير جا ڀڏا ڪم هجن ته به دفتر ۽ پارٽي جي نيڪ نامي تي ڪو اثر ڪونه پوندو. پر هتي ته ڍينگو ئي ڍير لڳو پيو آهي. ننڍپڻ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو محاورو اسان سڀني ته ٻڌو آهي. ڇا واقعي ڪا اهڙي نگري هوندي جنهن جو راجا چرٻٽ هو. جواب آهي “ها / نه” يا “شايد!” پر پنهنجي سنڌ ۽ ملڪ جو سياسي – سماجي وايو منڊل ڏسي اسان کي انڌير نگري چرٻت راجا جي حقيقت نظر اچي رهي آهي. ڪنهن به معاملي ۾ ڪن لاٽار ڪرڻ بحرانن کي جنم ڏيندي آهي جيڪي وري تباهين جو پيش خيمو بڻجندا آهن.

تباهيون اصل ۾ بحرانن جو نتيجو هونديون آهن. 1970ع واري ڏھاڪي دوران جڏھن هڪ ماهر ڪوسيليڪ بحرانن واري موضوع تي لکي رھيو ھو تھ، ھن ٻن سون کان مٿي بحرانن جو ذڪر ڪيو هو. هن انهن بحرانن کي سامهون رکندي هي به چيو هو ته اهي بحران اسان جي زندگين ۾ ڏکيائون آڻي سگهن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڪوسيليڪ جي بحرانن تي تحقيق کي پنجاھھ سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان تحقيق ۾ ڄڻ سوين ٻيا به بحران شامل ٿي ويا آهن. وري اسان جي لاپرواهي جي به ڇا ڳالهه ڪجي جو اسان ماضي جي ڀيٽ ۾ گھڻن بحرانن جي پرواهه به ته ڪونه ڪري رھيا آھيون. ۽ ڇا هي حقيقت نه آهي ته اسان انھن جي باري ۾ تمام گھڻي گفتگو به ڪريون ٿا. شايد ھي ڪا حيراني جي ڳالھھ بھ ناھي ڇاڪاڻ جو اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسان مستقل بحرانن جي دور ۾ جي رھيا آھيون. پاڪستان جا سياسي بحران ته شروع واري ڏينهن کان ئي موجود هئا ۽ انهن بحرانن جو نتيجو اسان 1971ع ۾ ڏسي به چڪا آهيون پر ڇا اسان ڪو سبق سکيو؟ 2000ع بعد پاڪستان ۾ جنهن خطرناڪ معاشي بحران جنم ورتو آهي اهو ختم ٿيڻ ته پري رهيو پر گهٽ ٿيڻ جو نالو به نٿو وٺي. لنڊن جي سٽي يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر آندريَ اسپائسر بحرانن جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿو رکي ان کي پنهنجي ذڪر هيٺ ڪالم ۾ بيان ڪيو هو اڄ سندس جي انهن ڳالهين کي کڻئون ٿا جيڪي هو بحرانن جي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ اثرن جي باري ۾ ڪري ٿو. هو لکي ٿو: “بحرانن جي باري ۾ ٻڌڻ جي لاءِ هر روز صبح جو جاڳڻ ڪجهه ماڻهن جي لاءِ مايوسين جو سبب بڻجي ٿو، پر پوري انساني تاريخ ۾ هي ٻين جي لاءِ هڪ دلڪش تجربو به رهيو آهي. 1857ع ۾، فريڊرڪ اينگلز هڪ خط ۾ لکيو هو ته، بحران مونکي سمنڊ ۾ ترڻ جي لاءِ اڪسائيندو رهندو آهي. سئو سالن بعد، جان ايف ڪينيڊيءَ، شايد غلطي سان هي نشاندهي ڪئي هئي ته چيني ٻولي ۾ لفظ بحران ٻن معنائن جي نمائندگي ڪري ٿو ، هڪ “خطري” جي ۽ ٻيو “موقعي” جي. هاڻي تازوئي، ايلون مسڪ هي دليل پيش ڪيو آهي ته ‘جيڪڏهن شيون ناڪام نه ٿي رهيون آهن ته، هن جو مطلب هي آهي ته توهان شوق ۽ جدت سان ڪم ڪونه ڪري رهيا آهيو.’”

آندريَ اسپائسر وڌيڪ لکي ٿو: “هاڻي جيڪڏهن ڪينيڊي، چاهي پوءِ، غلطي سان ئي نشاندهي ڪئي هئي ته چيني ٻولي ۾ لفظ بحران ٻن معنائن جي نمائندگي ڪندڙ آهي، يعني “ خطري جي ۽ موقعي جي.” اهڙي طرح سان بحران جي متعلق چيني نقطه نظر جي باري ۾ جان ايف ڪينيڊي جي غلط فهمي تي، جنهن کي ڪيترن ٻين ماڻهن به ورجايو آهي. جيئن، پينسلوانيا يونيورسٽي ۾ چيني ادب جي پروفيسر وڪٽر ايڇ مائر نشاندهي ڪئي آهي ته ‘درحقيقت بحران جي لاءِ چيني لفظ “ويجي (wēijī) هڪ خطرناڪ صورتحال جي طرف اشارو ڪري ٿو جنهن ۾توهان کي خاص طور تي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي.’ اهي ماڻهو جيڪي هن نظريي کي چٽي نموني سان بيان ڪن ٿا ته جيڪڏهن، “بحران” جي لاءِ چيني لفظ اهڙن عنصرن تي مدار رکي ٿو جنهن جو مطلب “خطرو” ۽ “موقعو” آهي ته، اهي هڪ قسم جي الجهيل سوچ ۾ ورتل آهن جيڪا سوچ معاشري جي لاءِ خطري واري آهي.” آندريَ اسپائسر لکي ٿو ته “هي نظريو ماڻهن کي غيرمستحڪم حالتن جي طور تي بحرانن کي ڀليڪار ڪرڻ جي طرف راغب ڪري ٿو جنهن جو اهي فائدو کڻي سگهن ٿا.” جهڙوڪ انقلابي سوچ رکندڙ نوجوان، ارب پتي امير ماڻهو ۽ اسان جا سياستدان، بحرانن کي موقعو غنيمت سمجهي انهن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا، پر دنيا جي ماڻهن جي اڪثريت ڪڏهن به هي نٿي چاهي ته هر وقت بس اسان کي بحران مان گذرڻو پوي. اسان اڄڪلهه گهڻوڪجهه ڄاڻون ٿا ته بحران اسان تي ڪيئن اثرانداز ٿين ٿا. هڪ عام نظريو هي به آهي ته وڏن بحرانن جي اچڻ وقت تخليقي صلاحتيون به وڏي پيماني تي نروار ٿيڻ يا ڦاٽڻ جو سبب بڻجن ٿيون. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ، عظيم مصوري ۽ ادب ۾ جديديت جي فروغ کي جنم ڏنو. ٻي لڙائيءَ، سائنس ۽ ٽيڪنولاجي جي ايجادن تي زور ڏنو. سمجهيو وڃي ٿو ته 1970ع ۽ اسي جي ڏهاڪي جي معاشي بحرانن غنڊن جي جٿن ۽ هپ هاپ جي تخليقن کي همٿايو. هي سڀ سچ آهي، پر نفسيات جي ماهرن هي به معلوم ڪيو آهي ته جڏهن اسان کي ڪنهن بحران جو خطرو هوندو آهي ته، اسان گهڻو سخت ۽ پنهنجي عقيدن ۾ بند ٿي وڃون ٿا. تخليقي صلاحتين جي محقق ڊين سائمنٽن پنهنجي مسلڪ کي موسيقي، فلسفي، سائنس ۽ ادب ۾ اڳڀرائين کي ڏِسندي گذاريو آهي. هن معلوم ڪيو ته بحرانن جي وقتن جي دوران، اسان اصل ۾، گهٽ تخليقي ٿي وڃون ٿا. جڏهن هن يورپي تاريخ ۾، 127 نسلن جي 5000 تخليقي فردن تي نگاهه وڌي ته هن محسوس ڪيو ته سياسي بحران ۽ عدم استحڪام جي وقتن ۾ اهم تخليقي ڪمن جو امڪان گهٽ هجي ٿو.” سنڌ جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ بحران جيڪي موقعي پرستن جي لاءِ غنيمت ثابت ٿي رهيا آهن لڳي ڪونه ٿو ته اهي اسان جي جان ڇڏيندا. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون ڇا هن ڳالهه جي نشاندهي نٿيون ڪن ته جيڪڏهن بحرانن سان مڙس ٿي مقابلو ڪجي ته فاضل راهو ۽ حيدربخش جتوئي جهڙا پورهيت ۽ هاري دوست اڳواڻ پيدا ٿي سگهن ٿا، رسول بخش پليجو جهڙا لطيف جا پارکو ۽ محترما بينظير ڀٽو جهڙا هر ڪارڪنن جو خيال رکندڙ اڳوڻ پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ شيخ اياز جهڙا مهان شاعر ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا آدرشي سياستدان ۽ مفڪر پيدا ٿي سگهن ٿا پر جڏهن بحرانن کي غنيمت جي موقعي طور ورتو وڃي ته توهان کي ساري سنڌ خودڪفيل نظر ايندي سو ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻون بس ايترو ڪافي آهي ته انهن بحران نه اسان جي عوام جو ڪجهه بگاڙيو آهي نه اسان جي خواص جي لڄ لاٿي آهي. هڪڙا ووٽ کي آسرن جي آڙ ۾ استعمال ڪرڻ جا شوقين ۽ ڪٽن جي پويان آهن ته ٻيا اقتداري حوَسن ۽ عالمي امدادن جي پويان آهن. ها هي حقيقت آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ثقافتي سگهه کي بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ايندڙ وقت اسان جو آهي.