نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو شهر ۾ موٽر سائيڪل مينهن سان ٽڪرائجڻ سبب موٽرسائيڪل سوار زال مڙس شديد زخمي. تفصيل موجب نئون دمبالو شهر ۾ شيل پئٽرول پمپ وٽ مينهن اوچتو روڊ تي چڙھڻ سبب ٻئي طرف کان ايندڙ موٽرسائيڪل سوار ابراهيم شيخ ۽ سندس زال مريم شيخ شديد زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو. زخمي زال مڙس ڊگهڙي شهر جا رهائشي چيا وڃن ٿا، جيڪي ماتليءَ مان پنهنجي رشتيدارن جي گهران واپس اچي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو. ٻنهي زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي.