ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي ۾ 15 سالن کان سم نالن جي کاٽي نه ٿي، ھزارين ايڪڙ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي، برساتن دوران ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي مين آئوٽ فال ڊرين سميت مختلف علائقن جي سم نالن جي 15 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ سم نالا ابتا وھڻ شروع ٿي ويا آھن. جڏھن ته لاڳاپيل اختيارين پاران ڏيکاءُ خاطر چند سم نالين مان مٽيءَ جا لپا ڪڍرائي مبينا طور تي ڪروڙين رپين جي بجٽ ھڙپ ڪئي وئي. اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ برساتن دوران سم نالن جي اٿلڻ سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصلن ۽ سوين ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آھي. ان جي باوجود هن مهل تائين
لاڳاپيل عملدار، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ۾ درگاھ ستيون ڀرسان نڪرندڙ 23 آر ڊرين پير پٺو، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين، گلمنڊا ڊرين، 25 آر ايل، 27 آر، ساڪرو ڊرين، چليا يونين ڪائونسل جي ڊرين سميت ضلعي جا ڪيترا ئي سم نالا کاٽي ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري گند گاهه سان ڀرجي نيڪال جي صلاحيت وڃائي ويٺا آهن، جنهن ڪري ضلعي جي ڪيترن ئي هنڌن تي سم نالن جي اٿلڻ سبب علائقن ۾ وڏي تباهي جو خطرو پيدا ٿي چڪو آهي. آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن حسن رونجھو، حاجي علي نواز جاکرو، دوست علي جاکرو، صابو پليجو، امام بخش، سومار رونجھو ۽ ٻين ان حوالي سان دانهيندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندن علائقن جي سم نالن جي 15 سالن کان کاٽي ۽ صفائي نه ڪرائي وئي آھي، جنھن ڪري ھر برسات ۾ نه رڳو سندن زرعي زمينون پر ڳوٺ پڻ ٻڏي وڃن ٿا. نالن جي زهريلي پاڻي سبب سندن زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون آھن. ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. هنن مطالبو ڪيو ته برساتن کان اڳ فوري طور تي سم نالن جي کاٽي ۽ صفائي ڪرائي سندن زمينن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.