بدين/ ڪڍڻ (رپورٽ: حميد سومرو، رضا شاهه)آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي گوني ۽ راڄواھ شاخن جي پوڇڙ ۾ مھيني کان پاڻيءَ جي شديد اڻاٺ خلاف گذريل ڏينهن پوڇڙ جي سوين آبادگارن گوني اسٽاپ تي احتجاجي مظاھري بعد ڌرڻو هڻي بدين- ڏيپلو مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آبپاشي سب ڊيويزن ڪڍڻ جي گوني شاخ ۽ راڄواھ جي پوڇڙ ۾ گذريل ھڪ مھيني کان پاڻي ٽيل تائين نه پھچڻ خلاف پوڇڙ جي آبادگارن عبداللطيف راھمون، محمد موسيٰ راھمون، واحد بخش بروھي، ملوڪ راھمون، ڀٽو پنجابي، علي محمد شورو، جمعو خان بروھي، ڌڻي بخش ملاح، طالب نوتيار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي، نعريبازي ڪندي گوني شاخ جي موري تي ڌرڻو ھڻي بدين- ڏيپلو مين روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان دواران آبادگار اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ھڪ مھيني کان گوني ۽ راڄواهه جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پھتو آھي، جنھن ڪري سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڙي سڪي تباهه ٿي رھيا آھن. ھنن دانهيندي چيو ته گوني شاخ تي ڪيتريون ئي بااثرن جون لفٽ مشينون رکيل آھن. آبپاشي عملدار پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. پوڇڙ وارا جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. هنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي سب ڊيويزن ڪڍڻ جي واھن ۽ شاخن تي رينجرس مقرر ڪري ٽيل تائين پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.