ڦل (ن پ ا) ڦل ۾ پرڻايل گهيڙگجو واسي ناري صائما زال شھاب منگي پيءُ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ناري جو چوڻ هو ته واردين ھڪ لک رپين عيوض وڪرو ڪري ڦل ۾ شھاب سان شادي ڪرائي، هاڻي مون کي ورغلائي مڙس ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن الزام هنيو ته پيءُ مون تي ۽ منھنجي مڙس تي تشدد پڻ ڪرايو آهي، هن چيو ته مائٽن جي دٻاءَ ۾ اچي پنهنجا 2 ٻار ۽ مڙس نٿي ڇڏڻ چاهيان. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته تحفظ فراهم ڪري مڙس کان جدا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.