حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ٽن ڏينهن وارو رعايتي ڪتابي ميلو پڄاڻي تي پهتو. ميلي جي پڄاڻي واري ڏينهن به پڙهندڙن پاران ڪتابن جي خريداري جي رجحان ۾ دلچسپي برقرار رهي. مختلف اديبن، ساڃاهه وندن، عورتن ۽ شاگردن ڪتابي ميلي ۾ پهچي مختلف موضوعن جا ڪتاب خريد ڪيا. ان کانسواءِ ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جي مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڪتابي ميلي جو اڀياسي دورو به ڪرايو ويو. نامياري اديب ڊاڪٽر قاضي خادم، مدد علي سنڌي، پروفيسر ادريس جتوئي، زاهده ابڙو، امر سنڌو، اشتياق انصاري ۽ علي اظهار سمون سميت ڪيترائي ناليوارا اديب ۽ شاعر ميلي ۾ پهتا ۽ انهن به رعايتي اگهه تي ڪتاب خريد ڪيا. ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙن زور ڀريو ته هن قسم جا رعايتي ڪتابي ميلا سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لڳايا وڃن ته جيئن مطالعو ڪندڙن کي آساني سان رعايتي اگهه تي پنهنجي پسند جي موضوعن جا ڪتاب ملي سگهن. ڪتابي ميلي جي پڄاڻي تي اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل اسٽال لڳائيندڙ ادارن ۽ پبلشرز جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي تعاون ۽ عملي سهڪار سان ميلي ۾ هر ڪتاب پنجاهه سيڪڙو رعايت تي ملڻ ممڪن ٿي سگهيا. هنن چيو ته تمام جلد سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙا رعايتي ڪتابي ميلا لڳائي پڙهندڙن تائين ڪتابن جي پهچ آسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.