دادو (رپورٽر) ناڻي آفيس دادو محتسب اعليٰ نادر جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر الطاف منگي پاران رٿيل کلي ڪچهري دوران فوتي ملازمن جي وارثن امام بخش پنهور، محمد علي، مرتضيٰ ۽ ٻين دانهيو آهي ته 6 کان 8 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين کين صرف ايل پي آر جا بل پاس ٿي مليا آهن، باقي پينشن وارن بلن لاءِ مهينن جا مهينا ٽريزري آفيس جا چڪر ڪاٽرايا پيا وڃن، سمورن کاتن جي پينشن تي هڪ بااثر آڊيٽر جي حوالي آهي، جيڪو آفيس ۾ نه اچڻ جي ڪري آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پ ٽ الف دادو ٽائون جي صدر عنايت جمالي دانهيو ته ٽريزري ۾ استادن جي جائز ڪمن فڪسيشن، جي پي سلپ ۽ ٻين جائز ڪمن تي رشوت ورتي وڃي ٿي، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر الطاف منگي شڪايت ڪندڙن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سان گڏ فوتي ملازمن جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته پهرين ترجيح جي بنياد تي فوتي ملازمن جي پينشن بنا رشوت جي ڏني ويندي.