لاهور (شوبز نيوز) گلوڪارا ڪومل رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته مان شادي کانپوءِ جڏهن عماد ۾ موجود هيس ته مڙس جي ورتاءَ سبب ڪيترائي ڀيرا بُک تي سمهڻو پيو.ڪومل رضوي تازو هڪ نجي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن شادي کانپوءِ پنهنجي ناڪام زندگي بابت ڳالهايو.گلوڪارا چيو ته جيڪڏهن هڪ ڇوڪري شادي شدا زندگي ۾ پاڻ کي بي يارو مددگار سمجهي ته ان جو پڙهيل لکيل، مضبوط ۽ خود مختيار هجڻ معنيٰ نٿو رکي، مان پنهنجي مڙس کي 6 سال برداشت ڪيو، هو ذهني طور بيمار هو ۽ مون تي هٿ کڻندو هو.هن چيو ته شادي شدا زندگي دوران مان ڪيترائي مهينا بُک تي سُتيس، ڇو ته مڙس پئسا نه ڏيندو هو، ان وقت عماد ۾ رهندي هيس ۽ ڪو ڪم به نه ڪندي هيس.سندس چوڻ هو ته مان 4 سال قيد ۾ رهيس، ان دوران ڪڏهن ڪڏهن ٽيوٽس پڙهائي ڪجهه پئسا به ڪمايا پر پوءِ پڪو پهه ڪيم ته ڪجهه ڪرڻو آهي، جنهن کانپوءِ ڪورس ڪيم ۽ کاڌو بچائڻ سکيو، پوءِ عمان جي اسٽورن ۾ کاڌو سپلاءِ ڪندي هيس.ڪومل رضوي ٻڌايو ته جڏهن مڙس مون کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ته والدين کي شڪ ٿي ويو ۽ هو مون کي واپس اچڻ جو چوڻ لڳا، پوءِ هڪ ڏينهن پيءُ پهتو ۽ مون کي واپس پاڪستان وٺي آيو.گلوڪارا عورتن کي پيغام ڏيندي چيو ته مان شايد پهرين عورت آهيان جيڪا چئي رهي آهيان ته ڇوڪرين وٽ تعليم هجي يا نه پر هنر جو هجڻ تمام ضروري آهي.