مٽياري (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه پاران ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ قائم ڪورونا وئڪسين سينٽر جو دورو ڪيو، ڊي سي پاران انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊي ايڇ او پاران ڊي سي کي ڪورونا سينٽرن تي ٿيل انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن بعد ڊي سي مرتضيٰ شاهه چيو ته ضلعي مٽياري ۾ 4 ھزار کان مٿي ماڻهن کي ڪورونا جي وئڪسين ڪئي وئي آهي، ضلعي اندر 3 هزار کان وڌيڪ ڪورونا وئڪسين سينٽرن تي موجود آهي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي غير ضروري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي .