کپرو (ن پ ا) کپرو شهر انتظاميا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي سبب مڪمل بند ڪرائي ڇڏيو. مختياڪار کپرو عمر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ انتظاميا کليل دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، مڪمل ڪاروبار بند ٿيڻ بعد واپاري ايسوسيشن جي اڳواڻن جاويد عالم قائم خاني موھن مکي ۽ ٻين جي اڳوڻي م شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. واپاري اڳواڻن چيو ته پرچون، کير، گوشت، مڇي جا دڪان جيڪي سنڌ حڪومت اجازت ڏني آهي تن کي به انتظاميا زوري بند ڪرائي ڇڏيو آهي.