مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ۾ منافعي خورن ۽ روز مرهه جي شين جي هٿرادو کوٽ ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه جي زير صدارت ضلعي جي ٽائون ۽ ميونپسل آفيسرن سان اهم گڏجاڻي ٿي. انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي ته شهرن جي صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ رات جي وقت ۾ اسٽريٽ لائيٽس جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي ته جيئن تراويحن دوران شهرين کي پريشاني نه ٿئي. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالفتاح پنهور سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه چيو ته ڪرونا وائرس جي ٽين لهر وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن وبا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. کاڌي پيتي جي شين جي روزانه لسٽ جاري ڪئي وڃي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.