ٽالهي رپورٽ (ن پ ا) ٽالهي شھر ۾ رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، منافعي خور واپارين اٽو، سبزي، فروٽ ۽ ٻين عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه هٿرادو وڌائي ڇڏيا. پورهيت طبقو سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهي. انهيءَ حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اصغر علي گرگيز، زين العابدين گشڪوري، خدا بخش ڪنڀار، ارشد علي گشڪوري ۽ ٻين چيو ته رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيندي ئي عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه وڌي ويا، جنهن سبب اسان سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ جي باوجود، اٽو 2400سو رپيا مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي، انهي کان علاوه کنڊ 100سو رپيا ڪلو، دال 70 کان 80 رپيا پاءُ، گيهه 250 رپيا ڪلو، پٽاٽا 50کان 60 رپيا ڪلو، گدرو 60 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. هنن سنڌ حڪومت توڙي ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي هٿرادو مهانگائي ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري رمضان پيڪيج ڏنو وڃي.