ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو. ٽماٽا 20 رپين مان 50 رپيا، پٽاٽا 30 رپين مان 40 رپيا، مرغي 350 رپين مان 440 رپيا، وڏو گوشت 350 مان 450 رپيا، ٻاڪرو گوشت 600 مان 800 رپيا، مڇي 300 مان 400 رپيا، کير 120، ڏهي 140، بصر 40 مان 60 رپيا، دال ماش 250، دال چڻا 220، دال مڱ 280 رپيا، بيسڻ 180 رپيا، ڀينڊيون 60 مان 100، واڱڻ 30 مان 60 رپيا، ميها 60 مان 110رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا. اٽو، چانور، گيهه جو اگهه به چوٽ چڙهي ويو، کنڊ کاڄري تيل سبسڊي ملڻ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تان گم ٿي ويا. شھرين عابد سمون، حاجي عابد راجپوت، ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري شھرين کي رليف ڏنو وڃي.