مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ويجھو زال سان ڪاوڙجي پاڻ کي باهه ڏيندڙ نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، پوليس موجب مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ مٽياري لڳ ڳوٺ حسين مري ۾ 4 ڏينهن اڳ پاڻ کي گهرو اڻبت تان زال سان ڪاوڙجي پيٽرول هاري 25 سالا حبيب مري ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کي تعلقا اسپتال مان فرسٽ ائيد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتان به کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو ڪراچي اسپتال م فوت ٿي ويو آهي، جنهن مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو.