ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ ٽي ڏينهن اڳ تيز طوفان ۽ برسات سبب ڳوٺ ماڻڪ اڄڻ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان اسدالله پٽ غلام سرور اڄڻ زخمن جا سور نه سهندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي فوتي جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.