مٽياري: سرڪاري ڪڻڪ جون 15 هزار ٻوريون گم ٿيڻ جو انڪشاف

0
419

مٽياري(ن پ ا) مٽياري ضلعي جي فوڊ کاتي وارن گودامن تان سرڪاري ڪڻڪ جون 15 هزار ٻوريون گم هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هالا جي گدامن ۾ 60 هزار ٻوريون اسٽاڪ ڪيون وينديون آهن، جنهن مان 15 هزار ٻوريون وڪرو ڪيون ويون، جنهن ڪري ڪو آفيسر اچڻ لاءِ تيار نه ئي نه آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آفيسرن جي ملي ڀڳت سان 15 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون وڪرو ڪيون ويون آهن.

ڏيڍ مهيني کان ڊي ايف سي جي پوسٽ خالي پيل هجڻ ڪري گودام انسپيڪٽر جي جاءِ تي سپروائيزرن حوالي ٿيل آهي.

سيڪريٽري فوڊ ان معاملي تي فوڊ انسپيڪٽر يونس مسيح کي معطل ڪندي ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ جي نگراني ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.