ڪراچي / حيدرآباد (نمائندا) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نيو سعيد آباد جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر لينڊ اڪيوزيشن منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جي ايريا مينيجر طابش شاهه جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن پوليس کين عدالت ٻاهران گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. اڳوڻو اي سي نيو سعيدآباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جو ايريا مينيجر طابش شاهه وڪيل معرفت پڪي ضمانت لاءِ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پهتا. وڪيلن دليل ڏنا ته 17هين گريڊ جي عملدار خلاف ڪارروائي لاءِ پهرين منظوري وٺي جاچ ڪرڻ لازمي هجي ٿو پر اينٽي ڪرپشن پوليس بنا منظوري جي جاچ ڪرڻ بدران مٿن ڪيس داخل ڪريد ڇڏيو آهي، ٻنهي ڄڻن جي پڪي ضمانت منظور ڪئي وڃي. اي جي پي مظهر سيال سرڪار پاران دليل ڏنا ته منصور عباسي 28 ڏينهن دوران 2 ارب 28 ڪروڙ رپيا بئنڪ مان ڪڍرايا جڏهن ته کيس رڳو مهيني ۾ 5 لک رپيا ڪڍرائڻ جو اختيار آهي. ايريا مينيجر طابش شاهه کيس 436 چيڪن تي رقم ڏيارڻ ۾ سهولتڪاري ڪئي. گرفتار اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جي نشاندهي تي اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي اي سي جي بنگلي تي ڇاپو هڻي 42 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا آهن، ان لاءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪرپشن ۾ ٻئي عملدار ملوث آهن. سندن ضمانت رد ڪئي وڃي. عدالت سرڪاري وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد پهرين اي سي جي ضمانت رد ڪئي ۽ بعد ۾ ايريا مينيجر جي به ضمانت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ضمانت رد ٿيڻ بعد ٻنهي عملدارن کي اينٽي ڪرپشن پوليس عدالتي احاطي ٻاهران گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻنهي عملدارن کي پوليس اڄ جاچ رمانڊ وٺڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صبح جي وقت وڪيلن دليل مڪمل ڪيا. بعد ۾ عدالت سرڪاري وڪيل جا دليل ٻڌڻ لاءِ ڪجهه وقت ٻڌڻي ملتوي ڪئي ۽ بعد ۾ ٻنهي ڄڻن جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو عدالتي وقت تائين محفوظ پڻ ڪيو هو. ٻئي پاسي موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم اي سي هائوس سعيدآباد تي ڇاپو هڻي 42 ڪروڙ هٿ ڪري ورتا. اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر منصور عباسي جي سرڪاري رهائش گاهه اي سي هائوس تي اها رقم هٿ ڪئي وئي، موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مٽياري ميگا اسڪينڊل ۾ ڊي سي مٽياري عدنان رشيد سميت 6 کان وڌيڪ پهرين ئي گرفتار ٿيل آهن، نوشهروفيروز موٽر وي جي زمين جي خريداريءَ لاءِ بنا ڪراس چيڪ سامهون اچي ويا آهن، ٻئي پاسي زمين جي معاوضي واري رقم هڙپ ٿيڻ تي آبادگارن طرفان عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) موٽروي ايم سڪس ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ استعمال ٿيل اوپن چيڪ روزاني پنھنجي اخبار ھٿ ڪري ورتو آهي، جڏھن ته آبادگار به ڪرپشن خلاف سامھون اچي ويا آھن ۽ هنن عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ هتي پريس ڪانفرنس ڪندي متاثر آبادگارن عبدالحڪيم لاکو، فدا حسين لاکو، جان محمد بروھي، غلام انور لاکو، فاروق بروھي، انور بروھي، رمضان بروھي ۽ ٻين چيو ته موٽروي لاءِ ورتل زمين جي رقم ڏيڻ لاءِ برساتن جو موقعو ورتو ويو، ڇاڪاڻ ته آبادگار ٻڏل ھئا، انھن جو فصل تباهه ٿي ويو ھو ۽ آبادگارن کي پئسن جي سخت ضرورت ھئي، جڏھن ته زمين جي رقم نه ٻڌائي وئي ته ڪيتري ٿئي ٿي، زمين جي خريداريءَ لاءِ ڪابه ريٽنگ لسٽ ظاھر نه ڪئي وئي ۽ نه ئي وري ڪيٽگري ٺاھي وئي ھئي، هنن چيو ته اسان کي اھا به خبر ناھي ته اسان جي زمين گھڻي کنئي وئي آھي، ھنن چيو ته اسان جي  زمين ماپ کان وڌيڪ کنئي وئي آهي ۽ اسان جا اڌو اڌ پئسا کاڌا ويا آھن، ھنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کانسواءِ ٻيون بااثر ڌريون ملوث آهن، جنھن ڪري لڪل ڌرين کي ظاھر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته انھن اسان کي تباهه ڪيو آھي، ھنن چيو ته في ايڪڙ زمين تي آباگارن جا 14 لک کاڌا ويا آهن، ھنن چيو ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن ۽ چيف سيڪريٽري جي جاچ قبول ناھي، جنھن ڪري سپريم ڪورٽ کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ اسان وڪيل ڪري عدالت وينداسين ۽ حق نه مليا ته احتجاج ڪنداسين، ھنن چيو ته زمين ڊيل معاملي ۾ اوپن چيڪ ڏنا ويا ۽ ڊيل ۾ ڊي سي تاشفين عالم ۽ تپيدار ٺارو پھوڙ ھئا.