مٺي ۾ قومي ڪاڄ جون ريليون، شھر ثقافتي رنگن جو گلدستي جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳو

0
179

مٺي (ن پ ا) مٺي سميت ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو جي سري هيٺ ايڪتا ڪاڄ جون ريلين جو سلسلو شروع ٿي ويو، ثقافتي ويس پاتل ماڻهو ريلي ۾ شريڪ ٿيا ته شھر ايڪتا جي انڊلٺي ۽ ثقافتي رنگن جو گلدستي جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳو

مختلف اسڪولن مان شاگردن شاگردياڻين،راجپوت، ڀيل برادري توڙي شھرين جي ڌار ڌار نڪتل ايڪتا ريليون شھر ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيون، راجپوت برادري پاران راڻا ڪوٺڙي کان راجپوتي لباس ۽ ڦينٽا پائي ڪڍيل ريلي ۾ دهل ۽ تلوارن تي اوکو رقص ڪري ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو

ڪشمير چوڪ، صادق فقير چوڪ ۽ مختلف بازارون ايڪتا ريلين جو مرڪز بڻيل آهن، ڀيل انٽليڪچوئل فورم پاران ڊگري ڪاليج کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ٽيبلوز ۽ ڊرامان پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، جڏهن ته سڄي شهر ۾ ايڪتا جي عيد جون خوشيون ملهائڻ جو سلسلو جاري آهي