بدين شهر ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، تقريب ۽ ريلي، سنڌي گيتن جي گونجار

0
315
سنڌ جي مختلف شھرن ۾ کٽ

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين شهر ثقافتي رنگن  ۾ رڱجي ويو، شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو” جي سري هيٺ ۾ مچ ڪچھريون، تقريبون ۽ ريليون ڪڍيو پيون وڃن، جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين پاران وڏا وڏا پينا فليڪس ھڻي شھر کي سينگاريو ويو آھي، جڏهن ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران ايوان صحافت بدين آڏو بيس ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي، جنھن تي سائونڊ سسٽم به لڳايو ويو  آهي

ٻي طرف ڳوٺ عالم خان کوسو ۾ ڀٽائي پبلڪ اسڪول ۾ شاندار ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ شاگردن ثقافتي لباس پهري تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد ماڻيو، جڏهن ته استادن علي عباس، عبدالرحمان، ذوالفقار سومرو ۽ ٻين لفظن ذريعي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي،  هوڏانهن  نشات تنظيم پاران ريجن آفيس کان عبدالفتاح جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ درگاهه لواري شريف تائين شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ نوجوانن سنڌي گيتن تي جھمريون هنيون.