مٺياڻي ڀرسان ھٿياربندن جي ڪاھ، عورت قتل، مڙس اغوا، ڌرڻو

0
138
مٺياڻي ڀرسان ھٿياربندن

مٺياڻي: مٺياڻي ويجهو قتل ٿيل عورت جي وارثن جو ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات هٿياربندن گهر تي حملو ڪري شريفان ڀرٽ کي قتل ڪيو، جوابدار عورت جي مڙس صدام حسين کي به اغوا ڪري ويا

پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مغوي جي بازيابي لاءِ ڪارروائي نٿي ڪري، ھنن چيو تھ خدشو آهي ته هٿياربند عورت جي مڙس کي به قتل ڪري ڇڏيندا

جڏھن تھ پوليس طرفان ڳالهين ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مغوي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، عورت جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻن ڀائرن جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو