ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف داخل ڪيل درخواست  تي توانائي واري وفاقي وزير، سنڌ حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه محمود اختر نقوي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته فرنيس آئل مهانگو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري بجلي جي پيداوار متاثر ٿيندي جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فرنيس آئل ۽ بجلي پيداوار وڌائڻ جي صلاحيت رکڻ ڪي اليڪٽرڪ جي بنيادي ذميواري آهي. فرنس آئل ۽ پيٽرول مهانگو ٿي رهيو آهي ته بجلي جا اگهه به وڌايا پيا وڃن، جنهن تي عدالت چيو ته اسان ڪي اليڪٽرڪ کان اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ بابت رپورٽ طلب ڪريون ٿا.