اشو آف دي ڊي بلاول آمريڪا ۾ جيئن عمران خان جو دفاع ڪيو ائين شايد ان جا پنهنجا ترجمان به نه ڪن ها

0
109
اشو آف دي ڊي بلاول آمريڪا ۾ جيئن عمران خان جو دفاع ڪيو ائين شايد ان جا پنهنجا ترجمان به نه ڪن ها

وفاقي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪا دوري بابت سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي، سندس ساراهه به ٿي رهي آهي ته مٿس تنقيد به جاري آهي، ان حوالي سان خرم قريشي لکيو ته اوهان پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ايئن ڪندا آهيو، وڪيل پنسوٽا چيو ته پنهنجي مخالف جي قدم جو دفاع ڪرڻ لاءِ وڏ پڻو ۽ همٿ گهرجي، بلاول ڀٽو جي ان قدم جي سڀني کي تعريف ڪرڻ گهرجي، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت هو پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هڪ صارف لکيو ته جيڪڏهن اوهان کي سفارتڪاري جي باري ۾ ڪجهه سکڻو آهي ته اوهان بلاول ڀٽو کان سکو، خاور گهمڻ لکيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وڏي پيماني تي غور کانپوءِ روس ويو ۽ اهو پرڏيهي وزارت جي سرڪاري رڪارڊ جو حصو آهي جنهن جو بلاول هن وقت وزير آهي ته اهو ڪيئن ان ڳالهه جي مخالفت ڪري سگهي ٿو، هڪ ٻئي صارف لکيو ته بلاول جنهن انداز ۾ عمران خان جي دوري جو دفاع ڪيو شايد ان جا پنهنجا ترجمان به ايئن نه ڪري سگهن ها،

خديجه شاهه لکيو ته بلاول عمران خان جي پرڏيهي پاليسي جو دفاع ڪيو جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي ها گڏ ئي پنهنجي والد جي حڪومت ۾ ڊرون حملن ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان افسوس جو اظهار به ڪيو پر پنهنجي والد جو ذڪر ئي نه ڪيو. عبدالمجيد بروهي لکيو ته سياست ۾ اخلاقيات بلاول ڀٽو کان سکي وٺ نياز، آمريڪا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ھن کان جڏھن اڳوڻي وزيراعظم نيازي پاران روس جي دوري بابت پڇيو ويو ته ھن ان موقعي تي عمران خان جي مخالفت بجاءِ عمران پاران روس جي دوري جي حمايت ڪندي چيو ته عمران خان روس جو دورو خارجا پاليسي تحت ڪيو ھيو جڏھن عمران خان روس جو دورو ڪيو ھيو ان وقت کيس ڄاڻ نه ھئي تـ روس يوڪرين تي حملو ڪندو ھن چيو ته آئون عمران خان جي روس واري دوري جي حمايت ڪريان ٿو، بلاول ڀٽو زرداري اوھان ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته اوھان ملڪ ۽ قوم جا ترجمان آھيو، فيض مري لکيو ته بلاول چيو ته اسان عمران خان آمريڪا کان خيرات لاءِ نه پيا وڃون، هي دورو پاڪستان لاءِ آهي، آصف سنڌي لکيو ته بلاول آمريڪا ۾ ويهي آمريڪا کي ڇنڊ پٽي جنهن تي کيس جس هجي،

عثمان غازي لکيو ته بلاول چيو ته آئون روس دوري جي ماملي تي اڳوڻي وزيراعظم جو مڪمل دفاع ڪندس، اهو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تحت دورو ڪيو هو، لطيف انڙ لکيو ته بلاول هٿ ادب جا ٻڌي آمريڪا کان پڇڻ ويو ته ڇا ڪريون، سندس دوري کانپوءِ بجيٽ بعد اليڪشن يا سليڪٽڊ اتحادي برقرار رهندي اهو واضح ٿي ويندو، صديق ڀرڳڙي لکيو ته آمريڪا دوري ۾ بلاول عمران جي دوري جي حمايت ڪئي،  عاشق احمد کوسو لکيو ته آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي سخت سياسي مخالف اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي دوري روس جو دفاع ڪرڻ بلاول جي خارجا پاليسي پنهنجي مفاد لا۽ نه پاڪستان جي بهتري آهي،ڪير مڃي نه مڃي فرق تربيت جو آهي،  بلاول نه ڪو گندو لفظ استعمال ڪيو نه ڪو اڌ نالو ورتو، ويتر پنهنجي سياسي مخالف جو دفاع ڪندو رهيو، مصطفيٰ ميراڻي لکيو ته ٻڌو آ ته آمريڪا ۾ بلاول ڀٽو جي وڏي عزت ڪئي اٿن، جنھن ۾ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ وزير خارجه انتوني بلنڪن ته صفا گھورَ گھورَ پئي ٿيس، ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا ۾ بلاول آمريڪا جي جهنڊي اڳيان ڪنڌ جهڪائي هٿ ٻڌيو بيٺو آهي، سنڌ ۾ وري ٻيا ماڻهو بلاول آڏو هٿ ٻڌي بيٺا آهن.

امداد حسين چانگ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٽيڪساس آمريڪا جي جنرل سيڪريٽري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي بدين جي اڳواڻ رئيس ممتاز خان چانگ جي آمريڪا جي شهر نيويارڪ۾ وزير خارجه پاڪستان ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن۾ بدين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ بدين۾امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي کي آمريڪا۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي محمد خالد اعوان  رئيس ممتاز خان چانگ ڪاشف علي سومرو فھد جوڻيجو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي ڪوششن کي ساراهيو، سيد شمن شاهه لکيو ته بلاول آمريڪا ويو ته پنهنجي ملڪ جي جهنڊي بدران آمريڪا جي جهنڊي واري پاسي بيهي رهيو. ياسين ميراڻي لکيو ته آمريڪا نيو يارڪ م پاڪستان جي وزير خارجه بلاول ڀٽو پاڪستان جي پاليسين کي بھتر انداز م پيش ڪيو ء اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي روس جي دؤري جو دفاع پڻ ڪيو. ذوالفقار سولنگي لکيو ته آمريڪي وزير خارجه پاڪستاني نمائندگي پيو ڪري ۽ پاڪستاني وزير خارجه بلاول آمريڪي نمائندگي پيو ڪري، جھنڊا مٽ سٽ آھن يا ائين رواج آ مونکي ته غلطي ٿي لڳي.