مٺي (رپورٽر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڀڪوئو ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ تان ڪري 60 سالن جو پورهيت توڳو ولد هرو ميگهواڙ فوت ٿي ويو. معلوم ٿيو آھي ته پيرسن ڳوٺ ڀرسان ڪنڊيءَجي جو سڱر لاهڻ لاءِ وڻ تي چڙھيل هو ته تيز هوا دوران پير ترڪڻ سبب زمين تي ڪِري موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.. پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.