ٺل/تنگواڻي/ڪرمپور (نمائندن وٽان) ٺل ۽ تنگواڻي جي آسپاس ارڙي ڦهلجي وئي، هڪ ئي ڏينهن اندر 3 ٻارڙا فوت، ڪيترائي بيماري ۾ مبتلا. خبر موجب ٺل ڀرسان ڳوٺ قلندر بخش ٻرڙو ۾ ارڙي سبب 3 ورهين جي خيران ڌيءُ منظور احمد ٻرڙو ۽ اڍائي ورهين جو رحيم داد ولد غلام قادر ٻرڙو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ جا ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي پر صحت کاتو ڪو به قدم نه پيو کڻي. ٻئي پاسي تنگواڻي ويجهو ڳوٺ ڪمال مگسي ۾ فاطمه ميراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته نينگري جو ڀاءُ به ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو هو، شهر سميت آسپاس جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن ۾ فهميدان خاتون، ريشمان، ارم خاتون، مريم، بيبان خاتون ۽ ٻيا شامل آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ۽ هن وقت تائين ڪي به ٽيمون اماڻيون ويون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ارڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، هوڏانهن ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ يعقوب بجاراڻي ۾ 2 سالن جو نينگر محمد علي بجاراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو.