مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ فتح علي پنھور ۾ زال مڙس ۾ جهيڙو، مڙس جي تشدد ۾ ڳورھاري عورت زخمي، مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وارثن جو چوڻ ھو ته اعظم چانڊيو ٻي شادي ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي ڳورھاري زال ناھيد چانڊيو تي وحشياڻو تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته مورو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران طبي معائنو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته عورت کي زور سان ڌڪ لڳڻ سبب عورت جي ٽنگ ڀڄي پئي آھي ۽ سندس ٻار پڻ ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي.